سانگهڙ ضلعي جي
صحافت
سانگهڙ ضلعي جي بيهڪ ۽ تاريخ:
سانگهڙ ضلع پهريان نوابشاهه ۾ شامل هو،
جنهن کي 1953 ۾ الڳ ضلع ٺاهيو ويو، سانگهڙ ضلعي جي اتر ۾ خيرپور ، اتر اولهه ۾
نوابشاهه ، ڏکڻ اولهه ۾ مٽياري ، ڏکڻ ۾ ٽنڊوالهيار ، ڏکڻ اوڀر ۾ ميرپورخاص ۽
عمرڪوٽ ، اوڀر ۾ انڊيا جي سرحد لڳي ٿي ، سانگهڙ ضلعي ۾ 6 تعلقا سانگهڙ، شهدادپور،
ٽنڊوآدم، کپرو، سنجهورو ۽ ڄام نواز علي آهن. سانگهڙ ۾ 69 يونين ڪائونسلون آهن.
1998ع جي آدمشاري موجب ضلعي سانگهڙ جي ڪل آبادي 14 لک 21 هزار 9 سئو 77 آهي. سانگهڙ ضلعو حر تحريڪ جي
حوالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي ، جڏهن ته قديم شهر برهمڻ آباد يا منصوره پڻ سانگهڙ
ضلعي ۾ آهي ان کان علاوه مکي ڍنڍ ۽ سهڻي
ميهار جي آخري آرام گاهه پڻ سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ،
سانگهڙ جي پهرين پريس:
سانگهڙ ضلعي ۾ سڀ کان پهرين ڪمرشل پريس
”سانگهڙ پرنٽنگ پريس“ چئي وڃي ٿي. سانگهڙ پرنٽنگ پريس عبدالستار لوڌي 1966ع ۾
سانگهڙ شهر ۾ قائم ڪئي. جنهن تان ڪيش ميمو، رسيدون ۽ شادي ڪارڊ ڇپبا هئا. سانگهڙ
پرنٽنگ پريس پهرين چينڊر مشين ذريعي ڇپائي ڪندي هئي. ان بعد ڪٽنگ مشين جو رواج پيو
جنهن جي ڪل لاڳت 5 سئو رپيا هئي. ان بعد 4، 5 هزار رپين جي ننڍي مشين تي ڇپائي جو
ڪم ٿيندو هو. سانگهڙ پرنٽنگ پريس سال 2000ع تائين ڇپائي جاري رکي. هن وقت سانگهڙ ۾
علي پرنٽنگ پريس، جي آر پرنٽنگ پريس اخبار ۽ ٻيون پريسون ڇپائي جا ڪم ڪري رهيون
آهن.
مجاهد اخبار:
مجاهد اخبار اشرف دائود پوٽو 1952ع ۾
جيڪب آباد مان شايع ڪئي. مجاهد اشرف دائود پوٽو ”مجاهد“ جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هو.
تقريبن 11 سال جيڪب آباد ۾ شايع ٿيڻ کان پو 1963ع ۾ شهدادپور مان به جاري ڪئي.
جيڪب آباد ۽ شهدادپور مان الڳ الڳ طور نڪرندڙ مجاهد اخبار اي بي سي سرٽيفائيڊ هئي.
شهدادپور جي محمدي مارڪيٽ ۾ اشرف دائود پوٽو ڪرائي تي دڪان حاصل ڪري ”مجاهد“ شايع
ڪرڻ شروع ڪئي. شهدادپور مان شايع ٿيندڙ مجاهد ۾ 2 صفحا سنڌي ۽ 2 صفحا اردو ۾ شايع
ٿيندا هئا. شهدادپور ۾ مجاهد جي آفيس جو افتتاح انفارميشن ڊائريڪٽر شاڪر مصطفيٰ
ڪيو جنهن ۾ ان وقت جي تمام گهڻ ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ شوڪت نيوز ۽ ٻيا شامل هئا. ان
حوالي سان شهدادپور ۾ سرڪاري ٽي وي جي نمائندي ۽ اشرف دائود پوٽو جي پٽ عبدالله
دائود پوٽو ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ شروع ۾ ايوب کهڙي جي ويجهي ساٿي ۽ سخت مسلم ليگي
اڳواڻ مولانا محمد حسين کهاوڙ سان ڀائيواري ۾ مجاهد اخبار شايع ٿيڻ شروع ٿي. ان
وقت مجاهد جي پنهنجي پريس نه هئي پر الحنيف پريس مان مجاهد ڇپرائي پڌري ڪئي ويندي
هئي. ڪجهه وقت کان پو مجاهد مڪمل طور اشرف دائود پوٽو جي انتظام هيٺ اچي وئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين دور ۾ جيڪب آباد ۾ اخبار تي پابندي مڙهي وئي.
پابندي جي ڪجهه ڏينهن سکر ۾ پيپلز پارٽي
جو ڊويزنل ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن شڪايت ڪئي ته شڪايتون ته اردو جي
وڏي اخبار کان به آهن پر ان کي بند ناهي ڪيو ويو ته جيڪب آباد مان نڪرندڙ مجاهد
اخبار کي ڇو بند ڪيو ويو آهي. ون يونٽ جي دور ۾ جيئي سنڌ پاران شامون ملهايون
وينديون هيون جنهن جون رسالي جي سائيز ۾ پرچا ڇپرائي ايجنٽن ذريعي ورهايا ويندا
هئا. ون يونٽ جي دور ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتالن جي ڀرپور ڪوريج ڪئي وئي. اخبار جي
شعور جي ڪري ئي اڳوڻي صدر ايوب جي دور ۾ شهدادپور ريلوي اسٽيشن تي جيئي سنڌ پاران
بک هڙتال ٿي هئي. جيڪب آباد جيان شهدادپور مان به ون يونٽ خلاف خاص پرچا شايع ڪيا
ويا. ان دوران حيدرآباد ۽ بدين ۾ مجاهد جي سرڪيوليشن تمام گهڻي هئي. 1965ع جي جنگ
۾ به مجاهد شايع ٿيندي هئي. 1965ع جي جنگ ۾ مجاهد جي انتظاميا بجلي بند نه ڪئي.
1963ع ۾ شهدادپور ۾ مجاهد جي شروعات بعد آگاهي پيدا ٿيڻ تي صحافين 1971ع ۾ پريس
ڪلب شهدادپور جو بنياد رکيو. مجاهد زراعت ۾ ڪڻڪ، ڪپهه، سن فلاور ۽ ٻين فصلن تي خاص
پرچا شايع ڪيا. ان کان پهرين خاص پرچا سياست جا شايع ڪيا ويندا هئا. ان دور ۾
مجاهد ليٽر پريس تي ڇپبي هئي ۽ بجلي نه هئڻ جي صورت ۾ هٿن ۽ پيرن جي چرپر سان ليٽر
پريس هلائي اخبار شايع ڪئي ويندي هئي. هن
ٻڌايو ته جيڪب آباد ۽ شهدادپور مان مجاهد ٻئي آزاد اخبارون هيون ۽ انهن ۾
علائقي جي حوالي سان خبرون الڳ الڳ هونديون هيون. جيڪب آباد ۾ ڊي سي رزيع الرحمان
ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن کي زوري جايون ڏئي رهيو هيون ۽ بند پيل جايون کولرائي
پناهگيرن کي زوري ويهاري رهيو هو ته ان خلاف مجاهد جو خاص پرچو شايع ڪيو پئي ويو
ته جيڪب آباد ۾ مجاهد جي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو ۽ اخبار جي ڇپائي جو عمل بند ڪرايو
ويو. ڇاپي ۾ مجاهد جي ايڊيٽر اشرف دائود پوٽو کي گرفتار ڪيو ويو. مجاهد جي فورمين
جي هوشياري ۽ ڏاهپ سبب اهو خاص پرچو ڪنهن ٻي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جيڪب
آباد مان ڇپجندڙ مجاهد پهرين ٻئي پريس ۾
ڇپبي هئي پر بعد ۾ مجاهد جي پنهنجي پريس قائم ٿي. 1960 جي ڏهاڪي ۾ جيڪب آباد ۾
ڇتيون برساتون پوڻ سبب شهر جي سينيما روڊ تي واقع آفيس ۾ ڇت ڊهي پئي جنهن تي اشرف
دائود پوٽو پريس پنهنجي گهر جي حصي ۾ منتقل ڪري اخبار ڪڍندو رهيو. سنڌي لسٽون
ٺاهيو تحريڪ ۾ مجاهد اخبار جو ايڊيٽر اشرف دائود پوٽو جيل به ويو. سنڌ جي وڏي وزير
ممتاز ڀٽو مجاهد ۾ لکيل ايڊيٽوريل تي شهدادپور ۾ ها اسڪول قائم ڪرڻ لا نوٽ هڻي
حڪم ڏنو. مجاهد جي ئي تجويز تي شهدادپور شهر ۾ مختلف اسڪولن، چوڪن ۽ پارڪن تي سنڌي
۾ نالا رکيا ويا. مجاهد جي هڪ خبر ۽ ايڊيٽوريل تي شهدادپور جي ايڊمنسٽريٽر مظهر
ميمڻ مائي بختارو گرلس پرائمري اسڪول لا پنهجي آفيس جي عمارت خالي ڪري ڇڏي. مجاهد
جا ايڊيٽوريل اشرف دائود پوٽو پاڻ لکيا. جنهن ۾ هن منشيات، پيئڻ جي پاڻي، تعليم،
صحت ۽ ٻين مسئلن کي اجاگر ڪيو. 1982ع ۾ اشرف دائود پوٽو لاڏاڻو ڪري ويو جنهن بعد
عبدالله دائود پوٽو مجاهد جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ساڳي جذبي سان مجاهد شايع ڪري عوام جي
آگاهي جو فرض پورو ڪندو رهيو. هن ٻڌايو ته مجاهد ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ ڪنهن جي ڌر
نه بڻي ۽ هر معاملي جي تهه تائين وڃي سينا گزيٽ جي صورت ۾ عوام کي ڄاڻ ڏني. مجاهد
علائقي ۾ وڏي پيماني تي سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پيدا ڪئي. جيڪب آباد ۽ شهدادپور ۾ مجاهد
جو عملو تقريبن 5، 5 ماڻهن تي مشتمل هو. اخبارن ۾ جدت اچڻ تي مجاهد به شهدادپور
مان ڪمپيوٽر تي شايع ٿيڻ لڳي ۽ ايڊيشنز به ڪمپيوٽر تي شايع ڪيا ويا. 1990ع ۾
انفارميشن ڊائريڪٽر مجاهد جا اشتهار بند ڪري ڇڏيا جنهنڪري مجاهد جو سنهري دور
پڃاڻي تي پهتو.
قائد اخبار:
شهدادپور شهر مان هڪ ٻي اخبار ”قائد“
جي نالي سان مجاهد کان شايع ٿي. قائد اخبار ان وقت جي سياسي اڳوڻ شاهه محمد ميمڻ
جاري ڪئي. قائد اخبار تقريبن 6 مهينا هلي سگهي ۽ ان جا ڪجهه پرچا مارڪيٽ ۾ آيا.
شرعاتي طور قائد اخبار شاهه محمد ميمڻ حيدرآباد مان ڇپائي پڌري ڪندو هو. بعد ۾
شاهه حمد ميمڻ قائد اخبار لا مشين به خريد ڪئي ۽ اخبار پنهنجي مشين مان ئي شايع
ڪندو هو پر مختلف مسئلن جي ڪري قائد وڌيڪ وقت تائين پنهنجو وجود برقرار نه رکي
سگهي ۽ بند ٿي وئي. قائد اخبار جي مشينن جي وڪري جا اشتهار بعد ۾ ان وقت جي مشهور
اخبار مجاهد ۾ ڇپيا هئا.
الفقرا اخبار:
سانگهڙ ضلعي جي وڏي اخبار جو ڪريڊٽ
”الفقرا“ کي وڃي ٿو. الفقرا پرنٽنگ پريس سانگهڙ ۾ صحافت جو بنياد وجهندڙ ڪجهه
شخصيتن مان هڪ فقير محمد رحيم مهر قائم ڪئي. فقير محمد رحيم سانگهڙ ضلعي جي علائقي
جهول ويجهو ڳوٺ سارڪي ۾ پيدا ٿيو. سانگهڙ ضلعي ۾ اخبار جي
ڇپائي جي حوالي سان الفقرا پرٽنگ پريس پهرين پريس ليکي وڃي ٿي، الفقرا پرنٽنگ پريس
سانگهڙ ۾ صحافت جو بنياد وجهندڙ ڪجهه شخصيتن مان هڪ فقير محمد رحيم مهر قائم ڪئي.
الفقر پرنٽنگ پريس جو نالو به فقير محمد رحيم پنهنجي نالي جي شروع واري اکر فقير تان
رکيو. فقير محمد رحيم پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪئي، ميرپورخاص
۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد کيس علائقي جي ماڻهن ۾ تعليمي، سماجي ۽ سياسي پيدا ڪرڻ جو
شوق جاڳيو. ان شوق سبب ئي فقير محمد رحيم پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ميرپورخاص
۾ رهي "الخدمت" جي نالي سان اخبار ڪڍڻ شروع ڪئي. فقير محمد رحيم مهر
الخدمت حيدرآباد مان شايع ڪرائي ميرپورخاص سميت پنهنجي ضلعي سانگهڙ ۾ ورهائيندو
هو. ان سلسلي ۾ ضلعي سانگهڙ ڪاليج جي اڳوڻي ليڪچرار، شاعر ۽ اديب ۽ سانگهڙ جي
تاريخ جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ رکندڙ الهودايو بهڻ ٻڌايو ته آئون سال 1954ع، 1955ع ۾
ميرپورخاص ۾ پڙهندو هئس، انهن ڏينهن ۾ فقير محمد رحيم مهر پاران شايع ڪرايل اخبار
الخدمت ڏٺي هئي. هن ٻڌايو ته الخدمت ۾ ان قوت جي خاص طور سماجي ۽ تعليمي معاملن تي
خبرون، مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. فقير محمد رحيم مهر ان وقت ناتجريبڪار ۽ ڪو
ٻانهن ٻيلي نه هئڻ باوجود اڪيلي سر الخدمت اخبار ڪڍي همٿ وارو ڪم ڪندو هو. الخدمت
اخبار صرف 4 صفحن تي مشتمل هئي. الخدمت اخبار ڪا گهڻي ترقي نه ڪئي، نتيجي ۾ فقير
محمد رحيم مهر جي پهرين اخبار بند ٿي وئي، بعد ۾ ڪجهه وقت لا فقير محمد رحيم پنهنجي ضلعي سانگهڙ ۾
سماجي ڪمن ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لا ڪم ڪيو. فقير محمد رحيم مهر کي اخبار
ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي شوق سبب 1970ع ڌاري "الفقرا" اخبار
شايع ڪرڻ شروع ڪئي. الفقرا پريس قائم ڪرڻ فقير محمد رحيم مهر سانگهڙ مين روڊ تي
پلاٽ وٺي خاص عمارت ٺهرائي. فقير محمد رحيم مهر جي اهڙين ڪوششن سان الفقرا اخبار
شايع ٿيڻ شروع ٿي. الفقرا به ڪجهه وقت لا حيدرآباد جي عبرت پريس مان شايع ڪرائي
ويندي هئي. بعد ۾ 1974ع ۾ فقير محمدرحيم مهر الفقرا اخبار لا پريس لڳرائي، اخبار ڇپڻ سانگهڙ ۾ شروع
ڪئي. ان لا فور مين ۽ مشين جو عملو خاص طور حيدرآباد مان گهرايو ويو. الفقرا
شروع ۾ هفتيوار شايع ٿيندي هئي. اهي فقير محمد رحيم مهر جون ڪوششون هيون جو الفقرا
اخبار هفتيوار سان ترقي ڪري ٽه روزه شايع ٿيڻ لڳي. فقير محمد رحيم مهر الفقرا
اخبار جا مختلف وقتن تي 3 ايڊيٽر مقرر ڪيا جن ۾ پهرين تاج مري، بعد ۾ امير بخش شر
۽ آخر ۾ عاجز منگي کي مقرر ڪيو ويو. 1978ع ۾ صحافين جي تحريڪ ۾ الفقرا جو ايڊيٽر
تاج مري گرفتار ٿيو ۽ کيس هڪ سال 10 ڪوڙن جي سزا آئي. بعد ۾ تاج مري جي 10 ڪوڙن جي
سزا معاف ٿي وئي هئي. تاج مري ٻڌايو ته فقير محمد رحيم مهر جو ڌيان سانگهڙ جي پٺتي
پيل علائقي اڇڙي ٿر، هاري ۽ غريب ماڻهن جي مسئلن تي هوندو هو ۽ هن انهن جو آواز
بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٻڌايو ته الفقرا اخبار جي سرڪيوليشن پهرين سانگهڙ شهر ۾
هوندي هئي بعد ۾ سڄي ضلعي ۾ پکڙجي وئي. هن ٻڌايو ته اخبار نڪرڻ جي رات بي بي سي جون خبرون ٻڌي اهي
شايع ڪري ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مختلف آفيسن ۾ ٽييلفون ڪري خبرون ورتيون وينديون
هيون ۽ وڏي خبر کي ليڊ طور شايع ڪيو ويندو هو جنهنڪري الفقرا اخبار جي اچڻ واري
ڏينهن ان ۾ نيون خبرون به شايع ٿيل هونديون هيون. هن چيو ته الفقرا اخبار مختلف
وقتن تي ايڊيشنز به شايع ڪيا. هن ٻڌايو ته الفقرا اخبار جا شروع ۾ 4 صفحا هوندا
هئا ۽ بعد ۾ ترقي ڪري اخبار 6 صفحن جي بڻجي وئي. الفقرا جي اڳوڻي ايڊيٽر تاج مري
ٻڌايو ته فقير محمد رحيم مهر پاڻ ”فقيراڻو ڏنڊو“ جي عنوان سان ڪالم لکندو هو جيڪو
تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير محمد رحيم مهر پنهنجي ڪالم بيوروڪريٽن ۽ وڏيرن جي ظلم
خلاف آواز اٿاريندو هو انڪري اڪثر بيوروڪريٽ ۽ وڏيرا ڊنل هوندا هئا. هن چيو ته
الفقرا سميت ان وقت جي اخبارن ۾ اشتهار تمام گهٽ هوندا هئا. الفقرا ۾ لوڪل گورمنٽ
۽ مقامي اشتهار هوندا هئا. فقير محمد رحيم
کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو جو هن اڪيلي ۽ پنهنجي هڙان وڙان پهرين الخدمت اخبار شايع ڪئي.
بعد ۾ الفقرا اخبار شايع ڪري ان کي مقبول بڻايو. فقير محمد رحيم مهر پنهنجي طبيعت
جيان پنهنجي لکڻين ۾ به بي باڪ، سچو هو. سندس لکڻين ۾ سچائي سبب ئي سانگهڙ جي ڪجهه
ماڻهن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويو. جنهن ڪري فقير محمد رحيم مهر کي پنهنجي ئي آفيس ۾ ئي
قتل ڪيو ويو. زندگي کي خطرن جي فقير محمد رحيم مهر کي ڀلي ڀت پروڙ هئي. پر هن
صحافت جي الم کي مضبوطي ۽ سچائي سان جهلي رکيو. فقير محمد رحيم مهر جي شهادت سان
الفقرا پنهنجي عروج ۽ مقام کي وڃائي ويٺي. بعد ۾ فقير محمد رحيم مهر کان سندس پٽن فقير
علي محمد مهر ۽ نامياري ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي پنهنجي وس آهر الفقرا کي جاري رکيو پر
اخبار اهو مقام حاصل نه ڪري سگهي. جيڪو ان پنهنجي باني ايڊيٽر فقير محمد رحيم مهر
جي وقت حاصل ڪيو هو. فقير علي محمد مهر ۽ بخشڻ مهراڻوي 80ع جي ڏهاڪي تائين الفقرا
کي جاري رکيو. فقير محمد رحيم مهر جيان سندس پٽن به علائقي جي مسئلن جي سماجي ۽
تعليمي شعور لا اخبار کي گهڻي وقت تائين جاري رکيو، وقت جي تبديل ٿيڻ اخبارن جون
ضرورتون به تمام گهڻوي تبديل ٿي ويون هيون. پو اهڙو دور آيو جو اخبارن کي جاري اشتهار
انتهائي ضروري ٿي ويا. هڪ مقامي اخبار کي اشتهار ملڻ به هڪ ڏکيو عمل بڻجي ويو.
جنهن ڪري سانگهڙ جي وڏي پنهنجي حوالي سان هڪ تاريخ رکندڙ الفقرا بند ٿي وئي. الفقرا اخبار جون هن وقت ڪجهه ڪاپيون
شايع ٿين ٿيون .
شاهين سنڌ
هن وقت سانگهڙ ضلعي مان شاهين سنڌ نالي
هفتيوار اخبار نڪري ٿي ، شاهين سنڌ چار صفحن تي مشتمل آهي ۽ سندس قيمت 22 روپيه
آهي ، شاهين سنڌ جي ايڊيٽر سلمان نظاماڻي آهي
سانگهڙ مان شايع ٿيندڙ ٻيون اخبارون:
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ مولانا
علا الدين سمون ”حريت“ نالي اخبار ڪڍندو هو. مولانا علا الدين سمون حريت اخبار ۾
انگريزن پاران ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر کي پنهنجي قلم جي زور سان ختم ڪرڻ جي جدوجهد
ڪندو رهندو هو. حريت اخبار حيدرآباد مان شايع ڪئي ويندي هئي جڏهن ته مولانا علا
الدين سمي جو واسطو سانگهڙ جي شهر ٽنڊي آدم سان هو پر مولانا علا الدين سمي جي
پوئنرين توڙي حريت اخبار جو رڪارڊ نه ملي سگهيو جنهڪري اهو پتو نه پئجي سگهيو ته
حريت اخبار گهڻن صفحن تي نڪرندي هئي. ساڳي طرح تلوڪ چند نالي هڪ صحافي ورهاڱي کان
اڳ هن علائقي مان ”هند سماچار“ نالي اخبار ڪڍندو هو جيڪا پڻ سانگهڙ ۽ نواب شاهه ۾
گهڻي پڙهي ويندي ۽ ڪافي مقبول هئي. صحافي تلوڪ چند به ورهاڱي بعد سانگهڙ مان لڏي
اتر سنڌ جي ڪنهن ضلعي ۾ آباد ٿي ويو ۽ سندس اخبار ”هند سماچار“ جي ڪاپي ڪنهن وٽ
محفوظ ناهي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ اڄ جي جديد دور جي ڀيٽ ۾ ميڊيا جا ذريعا اڻلڀ هئا
ان صورت ۾ اخبارن جي اهميت تمام گهڻي هوندي هئي. غلام شبير پڻ ”پرواز“ نالي اخبار ڪڍندو
هو جيڪا ٽن ٻولين يعني سنڌي، فارسي ۽ اردو
ٻولين ۾ نڪرندي هئي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فارسي اخبارون سنڌ ۾ 18 هين صدي جي آخر ۾ يا
19 هين صدي جي شروع ۾ نڪتيون ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته”پرواز“ اخبار به انهن
ئي ڏينهن ۾ نڪتي. شروعاتي صحافت ۾ مدد جي حوالي سان شخصيتن جي ذڪر ۾ قاضي فيض محمد
ايڊووڪيٽ جو نالو پڻ اچي ٿو جنهن بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي جي صحبت ۾ رهي سانگهڙ
جي صحافين جي مدد ڪئي ان کان سوا مولوي عبدالقادر لغاري، مجنون مسلم، مولوي محمد
علي لانڊر به صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سوا سانگهڙ ضلعي جي شهر
شهدادپور جو صحافي ڪامريڊ شوڪت پنهنجي انوکي صحافي جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري
ماڻي. شوڪت 1970ع کان اڳ مختلف اخبارن کي خبرون پوسٽ ڪري موڪليندو هو جنهنڪري
ڪيترين اخبارن سندس خبرون شوڪت نيوز جي نالي سان شايع ڪنديون هيون. ڪامريڊ شوڪت جي
اخبارن کي خبرون موڪلڻ جي سلسلي سبب سندس نالو شوڪت نيوز سروس پئجي ويو. ساڳي دور
۾ ٽنڊي آدم مان ”جمهور“ اخبار شايع ٿيندي هئي. هي اخبار خان غازي جي ادارت ۾ شايع
ٿيندي هئي. جڏهن ته حڪيم حبيب الحسن بديواني شهدادپور مان ”ترڪش“ نالي اخبار ڪڍندو
هو. حڪيم صاحب جي ”ترڪش“ ليٿو پريس تي شايع ٿيندي هئي. ٽنڊي آدم جو صحافي
عبدالرزاق سومرو ”شاهين“ اخبار ڪڍندو هو. انهن اخبارن جو رڪارڊ يا ڪاپيون تاريخ جي
شاگردن توڙي صحافين وٽ به ناهن انڪري انهن جي شڪل شبيهه ۽ صفحن سميت ڪا ڄاڻ ناهي
ملي. ان کان سوا مولوي الهه ڏنو گجو سانگهڙ جي تعلقي ۽ پٺتي پيل شهر کپري مان
هفتيوار ”رضوان“ اخبار شايع ڪندو هو. مولوي الهه ڏنو گجو 1920ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 16
اپريل 1976ع ۾ فوت ٿيو. مولوي الهه ڏنو
گجو 70ع جي ڏهاڪي ۾ ”رضوان“ اخبار شايع ڪئي جيڪا هو حيدرآباد مان ڪنهن نجي
پريس مان ڇپرائي کپري ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ورهائندو هو. مولوي الهه ڏنو گجو
پڻ ڪامورن، پوليس ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف اخبار ذريعي آواز اٿاريو جنهنڪري کيس قانوني
ڏکيايون ٿيون اهڙي صورتحال سبب مولوي الهه ڏنو گجو ايڊيٽوريل مٿان لکيو ته
ايڊيٽوريل سان ايڊيٽر جو متفق هجڻ ضروري ناهي. مولوي الهه ڏنو گجو جي هفتيوار
”رضوان“ تقريبن هڪ سال تائين شايع ٿيندي رهي هئي.
سانگهڙ جي شخصيتن جو آڳاٽي صحافت ۾
ڪردار:
سانگهڙ جي تمام گهٽ شخصيتن جو هندستان
جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پاڪستان جي قيام کا پو جي صحافت ۾ ڪردرا رهيو آهي. جن شخصيتن
پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ صحافت ۾ ڪردار ادا ڪيو ان جا تفصيل هن ريت آهي.
مير الهه بخش ٽالپر:
مير الهه بخش ٽالپر 1899ع ۾ پيدا ٿيو،
هن جو واسطو ضلعي سانگهڙ جي شهر جهول سان هو. سندس والد جو نالو مير فضل محمد هو
جيڪو سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو جنهنڪري مير الله بخش ٽالپر ابتدائي تعليم ٽنڊي
جان محمد ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي پنهنجي ناناڻن وٽ ٿي۔ پٿوري جي مدرسي ۾ ڪجهه وقت تعليم پرائڻ کان پو هن ڪراچي جي
سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ ڪئي. مير الله بخش جهونا ڳڙهه ڪاليج مان بي اي تائين تعليم
حاصل ڪئي انهي دوران خلافت تحريڪ شروع ٿي وئي ته مير الله بخش قومي جذبي هيٺ تعليم
ڇڏي سياست ۾ شامل ٿي ويو. خلافت تحريڪ سانگهڙ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ انگريزن خلاف
تحريڪ ۾ انگريزن خلاف تقريرون ڪرڻ تي کيس 6 مهينن لا جيل موڪليو ويو. خلافت تحريڪ
جي خاتمي کان پو مير الله بخش هاري تحريڪ ۾ حصو ورتو. مير الهه بخش 1927ع ڌاري
”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر شپ سنڀالي. تقريبن 4 سالن تائين مير الهه بخش ٽالپر اها
ذميواري ادا ڪئي. مير الهه بخش ٽالپر وفات تائين ”الوحيد“ جو ايڊيٽر رهيو. ان
دوران هو ڪراچي ۾ سر عبدالله هارون، مولوي محمد صادق کڏي واري، مولوي دين محمد
وفائي، قاضي خدا بخش، دين محمد عليگ، مولوي فتح محمد سيوهاڻي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي
جهڙن اڪابرن جي صحبت ۾ رهيو. مير الهه بخش ٽالپر تي بعد خاڪسار تحريڪ جو اثر ٿيو ۽
هو ان ۾ شامل ٿي ويو. مير الهه بخش ٽالپر ڪجهه وقت لا ماهوار ”خاڪسار سپاهي“ جي ايڊيٽر شپ سنڀالي ۽
”خاڪسار سپاهي“ سندس نظرداري هيٺ رهيو. محمد هاشم مخلص ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي ۾
اندروني جنگ جوئي تي ان وقت جي الوحيد جي ايڊيٽر مير الله بخش ٽالپر ٻنهي کي صلح
ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ هڪ ٻئي خلاف گارگند ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. بعد ۾ محمد
هاشم مخلص ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي ۾ ٺاهه مير الله بخش ٽالپر ڪرايو هو. هڪ ڀيري مولوي نور محمد نظاماڻي ٽنڊي الهيار
ريلوي اسٽيشن تي ويٽنگ روم ۾ ريل جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو جتي قاضي يار محمد
نالي همراهه پنهنجي اثر رسوخ سان مولوي نور محمد نظاماڻي کي ڪڍرائي ڇڏيو. مولوي
نور محمد نظاماڻي بعد ۾ ان قاضي يار محمد تي هڪ نظم اخبار ۾ شايع ڪيو. جنهن تي اچي
ممڻ متو. قاضي يار محمد مولوي نور محمد نظاماڻي تي حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽
عدالت مولوي نور محمد نظاماڻي تي 50 رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. هاڻي مولوي صاحب اهو ڏنڊ
ڪٿان ڀري ڇاڪاڻ ته سندس حالت آڻين چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا جي شاهه سائين جي شعر
واري هئي آخر ۾ سندس همدرد مير الله بخش ٽالپر 50 ڏنڊ ادا ڪري کيس آجو ڪرايو.
ڪراچي کان واپسي تي مير الله بخش ٽالپر 1937ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کان پو
واري پهرين اليڪشن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي عمرڪوٽ، کپري ۽ سانگهڙ جي تڪ تان غلام نبي
شاهه جي مقابلي ۾ بيٺو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، اهو مقابلو هن هاري پارٽي پاران ڪيو
هو. مير الله بخش ٽالپر 1946ع وارين چونڊن مان ٿرپاڪر ۽ 1953ع جي اليڪشنن ۾
سنجهوري جي تڪن تان مقابلو ڪيو پر کيس ڪاميابي نه ملي. مير الهه بخش ٽالپر 21
جولائي 1953ع تي وفات ڪئي.
غلام محمد وساڻ:
غلام محمد وساڻ 2 جنوري 1912ع تي
سانگهڙ جي علائقي ڪنڊياري جي ڳوٺ گاجن وساڻ ۾ پيدا ٿيو. غلام محمد وساڻ ”الوحيد“
جي مثالي سرپرستي ڪئي. 1951ع ۾ جڏهن ”الوحيد“ جي ڊائريڪٽرن ۾ اختلاف ٿيو ته ان وقت
جي ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي کي برطرف ڪيو ويو. خان بهادر ايوب کهڙي جي ساٿ
سان غلام محمد وساڻ نئين اخبار ”نوا سنڌ“ جاري ڪئي. مولوي عبدالغفور سيتائي ان جو
ايڊيٽر بڻيو. اخبار جو پهريون پرچو 18 جوري 1952ع تي نڪتو ۽ 1949ع تائين اها اخبار
جاري رهي. غلام محمد محمد وساڻ جو به سياست سان گهرو لاڳاپو رهيو ۽ 1937ع جي چونڊن
۾ هن سر شاهنواز ڀٽو جي اتحاد پارٽي جي حمايت ڪئي. جنهن بعد کيس سانگهڙ جي لوڪل
بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1941ع ۾ غلام محمد وساڻ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميمبر
چونڊجي آيو. 1945 ع کان 1954ع تائين غلام محمد وساڻ سانگهڙ لوڪل بورڊ جو ميمبر صدر
رهيو. 1944ع ۾ غلام محمد وساڻ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو. جنهن بعد لاڳيتو
سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊبو رهيو پر 1970ع ۾ غلام محمد وساڻ پيپلز پارٽي
جي اميدوار کان شڪست کاڌي. غلام محمد وساڻ 27 ڊسمبر 1970ع تي وفات ڪئي.
سانگهڙ جا صحافي:
سانگهڙ جي مختلف صحافين ڪراچي ۽
حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ رپورٽر طور ڪم ڪري شروعاتي توڙي موجوده دور ۾
صحافت لا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سانگهڙ جي شروعاتي صحافين ۾ مولوي عبدالقادري
لغاري، مجنون مسلم، مولوي محمد علي لانڊر، محمد حيات نظاماڻي، شبير نديم مرحوم،
بچل يوسفاڻي، محسن اجميري، مرحوم معصوم هالائي، محمد بخش ڪيريو، مرحوم فقير الهه
رکيو سينهڙو، عزت بيگ عاجز، محمد ادريس، ڊاڪٽر محمد حسين شيخ شامل آهن. سانگهڙ جي صحافتي
تاريخ ۾ بيباڪي جو مظاهرو شهيد آفتاب نظاماڻي ڪيو جنهن هيڻن جو آواز بڻجي صحافتي
خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد آفتاب نظاماڻي جي ڪيرئير جي شروعات ادب ۽ صحافت سان
ٿي. شهيد آفتاب نظاماڻي جي هم عصر صحافين ۾ اياز سنڌي جو نالو به اچي ٿو. صحافت جي
بنيادي ۽ شروعاتي دور لا استاد عبدالغفور لانڊر، ستار لوڌي به رپورٽنگ ڪئي ۽
پنهنجي وس آهر سانگهڙ ۾ ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪئي. جن سانگهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ادب
جي اوسر لا بهار پبليڪيشن جو قيام عمل ۾ آندو. بهار پبليڪيشن ڪيترائي ڪتاب شايع
ڪيا ۽ ادب ۾ سانگهڙ جي حصي ۾ هڪ نئين واڌ آندي. قمر انصاري، نثار بالادي، محمد
رحيم جانوري، عظمت الله عباسي، کٻڙ خان، محمد رحيم ڪنڀر، محمد ابراهيم نقشبندي،
مولا بخش سومرو، نثار بالادي، ملڪ قمر الدين، عبدالله دائود پوٽو، حافظ هنڱورو،
رمضان پنهور، رمضان قريشي، پنهل رند، ڊاڪٽر نور محمد ڪاشميري، الفقرا اخبار جي
اڳوڻي ايڊيٽر عاجز منگي، ڊاڪٽر غلام حيدرڌامراهه، محمد حسن لانڊر به 70ع ۽ 80ع جي
ڏهاڪي ۾ صحافتي ميدان ۾ ڪافي پاڻ پتوڙيو آهي. سانگهڙ جي صحافين ۾ ڪامريڊ بادل ٿري
جو نالو به سر فهرست آهي. ڪامريڊ بادل محنت ڪري سانگهڙ جي صحافت ۾ پنهنجو نان
پيدا ڪيو آهي. سانگهڙ ضلعي جي نئين ٽهي جي صحافين ۾ اختر قريشي، سرفراز قائم خاني،
ادريس باواني، نويد خيال، محمد اسلم ميمڻ، اشفاق ڀٽي، اقبال قائم خاني، نور سنڌي،
احسان شاهه، بشير پنهور، اسحاق مڱريو، مبين ڀٽي، هوش محمد منگي، سرور بلوچ، امير
بخش بڙدي ۽ ٻيا شامل آهن.
سانگهڙ ضلعي جا
موجوده صحافي
چئينل
|
اخبار
|
نالو
|
|
روزاني عوامي آواز
|
جبار ڌاريجو
|
ڪي ،ٽي ،اين نيوز
|
ڪاوش
|
اسلم ميمڻ
|
سنڌ ٽي وي نيوز
|
|
لالا قادر سريوال
|
وش نيوز
|
سنڌ اڪسپريس
|
سرور بلوچ
|
مهراڻ ٽي ،وي
|
|
جبار نظاماڻي
|
آواز ٽي ،وي
|
عبرت
|
امير بخش بڙدي
|
|
سوڀ
|
سميع ميمڻ
|
|
جيجل
|
انجم آفتاب نظاماڻي
|
|
مهراڻ
|
عاجز منگي
|
اي ،آر ،وائي
|
|
ياسين مغل
|
سچ ٽي وي
|
دنيا نيوز
|
اشفاق ڀٽي
|
|
ڊان نيوز پيپر
|
هوش محمد منگي
|
|
سنڌ
|
علي شاد منڱريو
|
|
خبرون
|
نثار منڱريو
|
جيو نيوز
|
جنگ
|
اختر قريشي
|
|
فتح نيوز
|
حاجي عيدو
جيلاني
|
|
آفتاب
|
حسن لانڊر
|
|
انجام
|
مصطفيٰ ترين
|
|
آن لائن نيوز ايجنسي
|
محمد قذافي
|
سانگهڙ پريس ڪلب جو موجوده صدر حسن
لانڊر آهي
شاهنواز خاصخيلي
ايم ،اي پريويس رول نمبر ..048
No comments:
Post a Comment